امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/07/2013

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن



غزل

ايوب کوسو

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن
ھوءَ ته آھي سڄو روشنيءَ جو بدن

ھوءَ ته آھي گلابي ڪليءَ وانگيان
ھن جي چھري ۾ آ چاندنيءَ جو بدن

ھن رکي سامھون نيڻ پنھنجا ڏٺا
مھنڪندو آ رھيو آرسيءَ جو بدن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيار ڪري پڇتايو ڇو؟


راشد مورائي

سنڌڙيءَ جي ته سڳنڌ جا ڀونئرا- ظلم ڏسي گھٻرايو ڇو ٿا؟
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟


ڀوئنر نه ٿيو، اي جيجل جا نوجوانو

سنڌ شمع تي اچو پڇڻ لاءِ، سنڌيت جا پروانو
جي ٿا ڊڄو ته جيئي سنڌ جو لفظ لبن تي آيو ڇو 
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟

ڪاتيءَ ھيٺان ڪنڌ ھجي، ته به نينھن جا گونجن نعرا

جي نه سھاي سر ته سگھو ئي، نينھن نه لايو پيارا
جنھن کي جان پياري آھي، مقتل ۾ سو آيو ڇو؟ 
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟ 

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/07/2013

ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو


غزل

ذوالفقار سيال
 
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو


وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي
ريشم جهڙا، سرها سرها، ڪارن وارن وارا ماڻهو

 
چپ جي بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو
مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو


سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو
شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو


پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو
جيسين هوندا
ذلف اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

راھُن ۾ انتظار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

غزل

ذوالفقار سيال

راھُن ۾ انتظار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي
سنگدل توسان پيار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

ھر روز تنھنجو واعدو نئون ۽ ڳالهه آ نئين
ڳالھيُن تي اعتبار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

سڀ ڪو لتاڙي پير رکي ٿو ھليو وڃي
تُحمت ۽ طعنه وار ڪرڻُ دل نه ٿي مڃي

توکي ڏئي مون دل ته ڇڏي، پاڻ به ڇڏيُم
پيارن سان پوءِ تڪرار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

مان " ذلف " توکي روز ڏسان سڪ ئي نه ٿي لھي
نيڻن کي اشڪبار ڪرڻُ دل نه ٿي مڃي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/07/2013

توکي چاهيو آ صرف توکي ئي

غزل

رضوان گــل

مونکي ديوار سان نه لاءِ سکي
اعتبار ڪر نه آزماءِ سکي

توکي چاهيو آ صرف توکي ئي
ورق ماضيءَ جا تون وراءِ سکي

مان ته تولاءِ ئي ٺهيو آهيان
تنهنجو آهيان لباس، پاءِ سکي

برفباري وڌي وئي آهي
آءُ سيني سان مونکي لاءِ سکي

تنهنجي راهن ۾ روشني ٿيندس 
ديپ آهيان اچي جلاءِ سکي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/07/2013

تنهنجي ياد قيامت آهي


غزل

زيب سنڌي

تنهنجي ياد قيامت آهي
پوءِ به اهڙي عادت آهي

اچ ته گڏجي ڪري وٺون
اسان جي عشق عبادت آهي

تنهنجي ساٿ سان هيءَ حياتي
جيئري ئي ڄڻ جنت آهي

سوچي سمجهي جيون گهار
املهه هرڪا ساعت آهي

لکبو ڪين شاهي فرمان تي
منهنجي قلم جي عزت آهي

راضي راڻو پاڻ ٿيو هو
منهنجي ڪهڙي حجت آهي

ٻيٽ وڪامن ٿا ڌارين کي
ڪهڙي سنڌ سلامت آهي!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان

غزل

تنوير عباسي

ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان،
بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان.

هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاڏي وڃجي،
تنهنجي محفل مان اٿي آيس مان.

در جي کڙڪي ۽ ڏسين مون کي تون،
ڀانئجان ايئن ته ڀُلي آيس مان.

مان ته ڀانيان ٿو هيس تو وٽ ئي،
تون چوين ٿي ته وري آيس مان.

تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ،
هر دفعي درد کڻي آيس مان.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>