امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/10/2014

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي

مسرور پيرزادو

ڇڏي اڄ شور شهرن جو، 
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي. 

فجر جو ماڪ جِت اُٿندي،
پَنن جي بستري تان آ،
اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
سُريلي ڳالھه چوندو آ. 

امان جي چانھه جي چُسڪي،
طعامن کان گھڻي مٺڙي.
جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن: 
"مسين آن يار تون آيو!" 

ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
جتي جون ميرڙيون واٽون،
ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
جتي درياھ جون دانھون. 

ڪُراڙين عورتن کان مان، 
پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.

مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ، 
ڏسان سورج وڃي اڄ مان، 
ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.

جتي جهولا اونهاري ۾،
جتي پارا سياري ۾،
مگر مَن پو به خوش آهي
"وليم شيڪسپيئر" وانگي،
جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
هيو چوندو: "اچو هيڏي! 
اچو هيڏي! اچو هيڏي!
هتي بس سخت موسم کان، 
سوا ويري نه ڪو آهي!" 

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔


کجيون هي ڳوٺ منهنجي جون
کِلي ٿيون مون کي کيڪارين 
ٻنيون هي ڳوٺ منهنجي جون
اکيون منهنجيون پيو ٺارن
لهي سورج پيو جڏهين
وري ڌڻ مال جو تڏهين 
ڪوئي ميهار درديلي
وڄائي بنسري تڏهين،


لهن جت ڍنڍ تي تي ڪيڏا،
پکي پرديس جا پيارا،
سدائين ڪاش پيا ڏسجن،
هي منظر موهڻا سارا،


سياري سرد راتين ۾
ڪچهري مچ تي مچندي،
پلي-مانيءَ کان پوءِ جت،
ڪڙڪ آ چانهه ڪا ٿيندي،

جتي گرمين جي موسم ۾ 
پِپر جو وڻّ آ پيارو،
اڱڻ تي راند جو کٽ تي،
هُو چڏهينءَ چنڊ موچارو.
ملي جِت هم ڪلاسين سان،
ڪيان ٿو ياد مان ماضي،

اهو ٻالڪپڻو منهنجو، 
جڏهن هرڪو هيو راضي،
وڃي جِت ٻير مان ميڙيان
ڦَريون، ڦوٽا جتي کاوان،
مٽي ڳوهي وڃي جيڪر،
وري رانديڪڙا ٺاهيان.

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔