غزل
شيخ اياز
جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾،
ڪالهہ کان ڳالهہ سا، آهہ انسان ۾.
آءُ زنجير پائي به آزادهان
تون ته ظالم سدا آهين زندان ۾.
مون نه ڄاتو هيو، چنڊ چارڻ به آ
چاندني راڳ آ، رات سنسان ۾.
آءُ زنجير پائي به آزادهان
تون ته ظالم سدا آهين زندان ۾.
مون نه ڄاتو هيو، چنڊ چارڻ به آ
چاندني راڳ آ، رات سنسان ۾.
رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾ !
هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾.
بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو، هن بيابان ۾.
عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔