امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/04/2014

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين، مان نه رڳو



مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني

ڪافي

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،
مهمان هزارين، مان نه رڳو،

ڪيئي گهايل تنهنجي گَهور سندا،
مخمور غفور سُرور سندا،
تنهنجي نور ظهور حضور سندا،
نگران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،
ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
قربان هزارين مان رڳو.

تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گِري،
ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حُور و پري،
حيران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر،
ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،
سوين در تنهجي تي دارا سڪندر،
دربان هزارين، مان نه رڳو.

ماهه لقا محبوب مٺا،
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامنگير امير گدا،
سلطان هزارين مان نه رڳو.

دلبر پيارا ڪر نُور نظر،
تون ته سرور عالم جن و بشر،
تو تان قربان تارا شمس وقمر،
”مفتون“ هزارين، مان نه رڳو.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔