امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

هاءِ اسان جو روڳي منڙو



گيت

حليم باغي

هاءِ اسان جو روڳي منڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو
واچوڙن ۾ الجھي اڏري
جيئن پپل جو ڇڻيل پنڙو

پاڻ ته آهيون رمتا جوڳي
ڪنهن سان پيارڪرين ٿي ڇوري
پاڻ پٿر جي پنڌ جا راهي
تن جي ڀانءُ نه ڀلجان ڀوري
پنهنجي نيڻن ۾ رڃ وسي ٿي
پنهنجي پيرين ٻرندڙ بنڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو

پنهنجي وس ۾ لهرون ناهن
پنهنجي وس ۾ ناءُ به ناهي
ٻاجھ ڀريا هٿ وار ٻيڙياتا
ڪو به سڻائو واءُ به ناهي
جھرندڙ جندڙيءَ جو تون ساحل
ٻڏندڙ ٻيڙي جو تون ٻنڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو




0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔