هدايت بلوچ
هڪ ڪارڙي ، ويچارڙي
ڪوجھي صفا ، سنهڙي سڪل،
ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون ٿيل ،
وار اڻڀا ۽ ڳچيءَ تي گر چڙهيل
ٻارڙو ڪڇ تي کنيو،
پنندي وتي،
چوندي وتي
الله جي نالي ڏيو.
ماڻهو بيزاريءَ وچان
نفرت وچان
* معاف ڪر *
تنهنکي چيو،
پاسو ڪيو
نڪتا وڃن.
ڪونه تنهنکي،
ڪو ٽڪو، پئسو ڏئي،
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي اداس
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي نراس
زندگيءَ جا ڏينهن
پورا پئي ڪري
**************
هڪ ٻي فقيرياڻي
پريان پنندي وتي
ڪڻڪ رنگو
گول چهرو چمڪندڙ
ڦوهه جوڀن کان
ارهه اڳتي وڌيل
هوءَ نه ٿي الله جي نالي
ڪري ڪنهن کان سوال
هوءَ پني ٿي
پر نئين انداز سان
مام سان مرڪي
اکيون هڪ هنڌ جھلي
بس ڇڙو
هٿ کي وڌائي ٿي ڇڏي
ماڻهو سڀ
تنهن تان وڃن ٿا
اول گھول
پنهنجي کيسن ۾ وجھي هٿ
۽ رپيا ٻاهر ڪڍي
تنهنجي نازڪ
ڀورڙي هٿ تي رکي
ڪجهه زور سان
ڪجهه مام سان
هڪ هلڪو چيڀٽڙو ڏئي
اڳتي وڌن
هوءَ پاڇولي جيان
تن جو ڪري پيڇو
۽ پوءِ
***********
ڪار جي نازڪ ۽
ڪونئري سيٽ تي
صاف ۽ شفاف شيشي مان ڏسي
ڪارڙي پنڻيءَ تي
مرڪي ٿي ڏئي
ڪار هڪ زوڪاٽ سان
ڪير ڄاڻي ڪهڙي رستن تي وئي
زندگيءَ جو سلسلو
هر روز ٿو هلندو رهي
گول مانيءَ لاءِ هت
ڇا ڇا نه ٿو ٿيندو رهي
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔