امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/09/2013

دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي

آزاد نظم
(روبينه ابڙو)

”دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي“

الئه ڇو ڇاڇري جو چنڊ
ٿيو اڄ سرنِگون آهي
ستارا سوڳ ۾ آهن
هوا بڻجي رُدالي ٿي سَٽي سينا ڀِٽن جا ۽
افق ڄڻ ماتمي پِڙُ آ
وري اڄ ڇاڇري جي ڌرتتي
ويئي ڌُڏي آهي
بڻي ساري سڀيتا سنڌ جي
اڄ سينڌ ميري آ
وري “ڦاپي” ۽ “آميءَ” جي
اُها رُوداد ورجائي
ڇڏيا بَکيا اُڊيڙي ڪنهن
سڄي تاريخ جا آهن
وري ڪنهن چيخ جا آهن
پڙاڏا عرش تي پهتا
جهڪايو ڪنڌ ڪارونجهر
سڄو ٿر ٿَرٿِلي آهي
ڊنا ڄڻ مور هن سارا
۽ ڊيلون هِيسيل آهن
پکي سڀ الجهيل آهن
۽ ٻاٻيهن وساريا ٻول هن پنهنجا
ڪَنڊين ۾ سوال سڱرين جان
پيا کڙڪن
پيون ڌڙڪن
دليون تترن ۽ هرڻين جون
سمورن منظرن جون اڄ
اکيون حيران آهن ۽
ٻڌائن وارتا دک جي
دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي
لُٽي وئي آبرو جنهن جي
اتي ئي ڇاڇري ۾ آ
نه ڪو ئي عرب آيو ۽
نه ڪو خلجي نه تاتاري
هيا سي ڌِڱَ ڌرتيءَ جا
چنيسر جيئن هنيائون ڪانُ مٽيءَ کي
ڏسو هُو ڀالوا چِيخِي
رڙِي دانهين چوي ٿو ڪجھ
لڳي ٿو اڄّ ئي ڄڻ مارئيءَ جي
لڄّ ڪنهن لوئي.....

(موتان واري واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل)

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔