امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/09/2013

دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...



آزاد نظم
ساک

(روبينه ابڙو)

ڪا جنم جي بيقراري 
رت جيئن ڊوڙي رڳن ۾
ڄڻ پهاڙي ڪنهن نديءَ جان
روح ۾ لهندي وڃي ٿي
سار جي سڀ ٿوهرن تي
ڪيترا چهرا ڦٽا هن
آرسي ماضيءَ جيءَ ۾
نقش سي اڄ ڀي چٽا هن
۽ ٻَٻُر جي ٻُور وانگر
درد ڄڻ ڇڻندا رهن ٿا
مون مٿان ڪرندا رهن ٿا
ٿيون هوائون جهول ميڙي
وقت جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
ڪيترو هوريان هلن پر
دائرن ۾ داستان ڦرندا رهن ٿا
لفظ سڀ لڏندا رهن ٿا
دوستيءَ جو دنگ هو جنهن جاءِ تي
ان کان به اڳتي
ساھ کي ويساھ هو
ڇا عجب اتساھ هو
پڪ جو ڄڻ ريشمي رومال هو
جنهن مٿان مون ڪيترا
ٽاڪيا ستارا ڀرم جا
دوستيءَ جو چنڊ پر الهي ويو
جا ٿڌيري هير هئي ويساھ جي
سا بند ٿي
لُڪ ڪا ويساھ گهاتيءَ جي لڳي
اڄ به مان پيئي جلان تنهن تاءَ ۾
پڄران پئي
ساريان پئي سي حسرتون سي آٿتون
جن جون ڪٿائون ڪيتريون ڦهليل هيون پر
اوچتو ٻهروپ جان هر دوستيءَ پاسو مٽيو
چهرا وڏا
روشن تصور 
پر انهن جا خيال ڪيڏا هلڪڙا ۽
ساٿ ڪيڏا مختصر ها....
دوستيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
ها اڃان تنهن کان به اڳتي
عاشقيءَ جون هون هزارين بارشون
مون مٿان وسنديون رهيون
پاڻ ۾ مان جيتري پن ڇڻ هيس
اوتري سرسبز ٿي پيس
منهنجي ٻانهن جا سمورا هار ها مهڪي پيا
خواهشن جا ڄڻ ڪبوتر
مون اندر اڏري پيا
۽ اچانڪ وقت جي ڪنهن موڙ تي
وصل جي سڀ خواهشن تي
هجر جو پارو پيو
اوچتو ئي شام ٿي وئي
عاشقيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
اڄ وري منهنجي رڳن ۾
ڪا نئين آ بيقراري
جا نئين جهرڻي جيان
ڪا راھ نئين ڳولي پئي
آرسي ميريءَ کي
ڌوئڻ لڳو آ پيار ڪو
سنسار ڪو جڙندي ڏسان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جا
ڪي نوان رشتا پسان ٿي
هڪ نئين برسات آ جا
مون مٿان چاهي وسڻ
منهنجو هردو
وارياسي رڻ جيان تاسو اڃيو
مان پُسڻ ٿي چاهيان
منهنجي سوچن جي سمرڻي
ڪيتري وکري وئي آ
پاڻ ميڙڻ ٿي گهران
پر سوچيان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي
ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔