امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/08/2014

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو، ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

غزل

مقبول هاليپوٽو

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو
ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجا پر ڀي پاڻ ڪٽياسين
يار اُڏڻ جو اونو ڪهڙو

هاڻ ته مرڪي مرڻو پوندو
هاڻ جيئڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي اڃ ڀي پاڻ پيتيسين
کوههَ کڻڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ وڃايل منظر ٿياسين
اک کڄڻ جو اونو ڪهڙو

عشقَ روز انگوريو آهي
وڻ وڍڻ جو اونو ڪهڙو

سير ۾ آهيان سهڻيءَ وانگي
پار پڄڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ ته يار پکين جيئن آهيون
ٽار ٽٽڻ جو اونو ڪهڙو

هرڪا هار قبولي پوءِ
کيج کٽڻ جو اونو ڪهڙو

سڀ سيارا ساٿ هو تنهنجو
سوڙ سمهڻ جو اونو ڪهڙو

ويڙهيل هُن جا وار اڃا هن
باک ڦٽڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي پرينءَ جو اوڇڻ اوڍيم
لاک لڳڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي ڪنڌ لئه پاڻ ڪٽارا
چنگ چُرڻ جو اونو ڪهڙو


1 تبصرا:

Unknown لکيو آهي

واهه ادا واهه، سائين محمد سليمان وساڻ اوهان جي محنت داد لهي ٿي. اوها انتهائي وڏو ڪم & سنڌي ٻولي جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهيو ان لا جس لهو.

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔