غزل
پريم پتافي
تنهنجي
در کي جو به نهاري آيو آ،
پنهنجي
پويان درد قطاري آيو آ.
پل ڪو
تنهنجي نيڻن ۾ ڇا ترسيو هو،
پنهنجا
سارا خواب وساري آيو آ.
ويندي
ويندي چؤواٽي تي بيهي ڪو،
سوچي ٿو
هُو ڪنهنجي لاري آيو آ.
رات
ڀٽائي جي محفل ۾ شعر پڙهي،
شاعر
پنهنجا شعر اُجاري آيو آ.
اڳ ۾
اهڙو ڪو نه ڪڏهن هو درد مِليو،
جاني!
جهڙو هيل سياري آيو آ .


