غزل
پريم پتافي
تنهنجي
در کي جو به نهاري آيو آ،
پنهنجي
پويان درد قطاري آيو آ.
پل ڪو
تنهنجي نيڻن ۾ ڇا ترسيو هو،
پنهنجا
سارا خواب وساري آيو آ.
ويندي
ويندي چؤواٽي تي بيهي ڪو،
سوچي ٿو
هُو ڪنهنجي لاري آيو آ.
رات
ڀٽائي جي محفل ۾ شعر پڙهي،
شاعر
پنهنجا شعر اُجاري آيو آ.
اڳ ۾
اهڙو ڪو نه ڪڏهن هو درد مِليو،
جاني!
جهڙو هيل سياري آيو آ .
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔