05/11/2014
27/10/2014
گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
منصور سيتائي
گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين ،
گُلن مُسڪرايو ته تون ياد آئين .
اڪيلو ڪري سڀ ائين سور ڏيندا ،
زماني ستايو ته تون ياد آئين .
وريا سڀ واهيرن ڏي پنڇي به پنهنجي ،
موٽي مالُ آيو ته تون ياد آئين .
تنهنجي نانءَ نالي سان مون کي او سانول ،
رقيبن رنجايو ته تون ياد آئين .
ڪنوارن چپن ۽ ڳلن پاڻ ۾ پئي ،
نئون نينهن لايو ته تون ياد آئين .
تنهنجو گيت منصور دردن ڀريو ڪنهن ،
اَسُر ويل ڳايو ته تون ياد آئين .
19/10/2014
ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
ايوب کوسو
ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي
سموري خدائي صدا ٿي وڃي ٿي
ذهن يادگيرين جي رڻ ۾ رلي ٿو
سڄي رات اڪثر سزا ٿي وڃي ٿي
نئين موسمن ۾ نياپا اچن ٿا
اکين جي عبادت ادا ٿي وڃي ٿي
سڄو پيار هُن جو نظر ۾ گهمي ٿو
سکي آرسي جان صفا ٿي وڃي ٿي
اکين سان گلابي اکيون هي ملن ٿيون
محبت اُٺي جي هوا ٿي وڃي ٿي
حياتي ستارن جو سڏڪو لڳي ٿي
جڏهن دلربا بي وفا ٿي وڃي ٿي
اسان لاءِ جدائي جي موسم پرين
موهن جي دڙي جي ڪٿا ٿي وڃي ٿي
13/10/2014
پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
منصور سيتائي
پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ ،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ چوي ٿو آءُ .
منهنجي ديس جي آزادي تون ڪاٿي آن ؟
هيءُ غلاميءَ گهاءُ چوي ٿو آءُ .
دل جا دُوار کليل هِن تولئه جاني ،
اکڙين آدرڀاءُ چوي ٿو آءُ .
سياري راتيون تڙپائن ٿيون توبن ،
يار اُتر جو واءُ چوي ٿو آءُ .
راڻا ريت رُسڻ جي ڇڏ پرچي پَئـُ ،
سومل جو سوداءُ چوي ٿو آءُ .
اڄ ڪلهه تون منصور ڪِٿي ٿو برسين ،
جوڀن رُت جو تاءُ چوي ٿو آءُ.
11/10/2014
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي
مسرور پيرزادو
ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.
فجر جو ماڪ جِت اُٿندي،
پَنن جي بستري تان آ،
اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
سُريلي ڳالھه چوندو آ.
امان جي چانھه جي چُسڪي،
طعامن کان گھڻي مٺڙي.
جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن:
"مسين آن يار تون آيو!"
ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
جتي جون ميرڙيون واٽون،
ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
جتي درياھ جون دانھون.
ڪُراڙين عورتن کان مان،
پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.
مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ،
ڏسان سورج وڃي اڄ مان،
ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.
جتي جهولا اونهاري ۾،
جتي پارا سياري ۾،
مگر مَن پو به خوش آهي
"وليم شيڪسپيئر" وانگي،
جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
هيو چوندو: "اچو هيڏي!
اچو هيڏي! اچو هيڏي!
هتي بس سخت موسم کان،
سوا ويري نه ڪو آهي!"
ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔
کجيون هي ڳوٺ منهنجي جون
کِلي ٿيون مون کي کيڪارين
ٻنيون هي ڳوٺ منهنجي جون
اکيون منهنجيون پيو ٺارن
لهي سورج پيو جڏهين
وري ڌڻ مال جو تڏهين
ڪوئي ميهار درديلي
وڄائي بنسري تڏهين،
لهن جت ڍنڍ تي تي ڪيڏا،
پکي پرديس جا پيارا،
سدائين ڪاش پيا ڏسجن،
هي منظر موهڻا سارا،
سياري سرد راتين ۾
ڪچهري مچ تي مچندي،
پلي-مانيءَ کان پوءِ جت،
ڪڙڪ آ چانهه ڪا ٿيندي،
جتي گرمين جي موسم ۾
پِپر جو وڻّ آ پيارو،
اڱڻ تي راند جو کٽ تي،
هُو چڏهينءَ چنڊ موچارو.
ملي جِت هم ڪلاسين سان،
ڪيان ٿو ياد مان ماضي،
اهو ٻالڪپڻو منهنجو،
جڏهن هرڪو هيو راضي،
وڃي جِت ٻير مان ميڙيان
ڦَريون، ڦوٽا جتي کاوان،
مٽي ڳوهي وڃي جيڪر،
وري رانديڪڙا ٺاهيان.
ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔





