امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


16/04/2014

محبت روح روڙيندي ، جلائيندي جواني آ



غزل

رخسانه پريت

اوهان جي مهرباني آ !
جو گذري زندگاني آ !

پڇين پيو دل جي ويراني ،
رڻن جي راڄڌاني آ !

اکين ۾ خواب ڪونهن ڪي ،
زوالن جي نشاني آ !

لهين جي پل پرين دل تان ،
اها ڀي بي ايماني آ !

وري پئه واٽ تان تو لئه
دلين ۾ جاٰء جاني آ !

محبت روح روڙيندي ، 
جلائيندي جواني آ !

اسان جي ئي ڪٿا ساري.
اسان جي ئي زباني آ ا


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔