امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/04/2014

لهر لهر ۾ لُڙهندو آهيان، توکي تارڻ ويل

غزل

 نماڻو سنڌي

جنهن کي ساري رئندي آهين، ڏيئڙن ٻارڻ ويل
ٿورو خيال ڪرين ها اڳ ۾، تنهن کي مارڻ ويل

ٻُسين ٻانهن ۾ ٿي ڦٿڪي، ياد ڏُهاڳڻ جي،
چوڙين جي ٿي ڇڻ ڇڻ ڳولي، پٽ ٻُهارڻ ويل

هي ته قصو هُن شخص جو آهي، تو کي هُن سان ڇا؟
تنهنجا ڀرجي ڳاٽ ويا ڇو،؟ ڳالهه پچارڻ ويل

يادن جي گرداب ۾ مون کي، هاڻ نه گهِلي هل
لهر لهر ۾ لُڙهندو آهيان، توکي تارڻ ويل

تنهنجي ياد به ڦَٿڪائيندي آ تڏهين مون کي،
جڏهن ايندي آهي مون وٽ ان کي ٽارڻ ويل

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔