امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/04/2014

پيار پنهنجي جو معجزو آهي

غزل

گلشن لغاري

پيار پنهنجي جو معجزو آهي،
پنهنجو ڪوئي نه هت رهيو آهي.

کيس مورک! متان ميارون ڏين،
بي اعتباري سندس شيوو آهي.

رک جنهن جاءِ اڄ اڏامي ٿي،
گھر اسان جو اتي جليو آهي.

نانءُ منهنجو ڀلي مٽائي ڇڏ،
نقش دل تان ڪڏهن مٽيو آهي؟

چنڊ تارا سمهي پيا آهن،
ديپ دل جو جلي پيو آهي.

مان نه چوندس مگر اهو ئي سچ،
لوڪ ساري سلي ڇڏيو آهي.




0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔