امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/11/2015

سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،
کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين.

ڀري جام حنائي هٿن سان،
شرابِ محبت لڳائي لبن سان،
پيارا اسان کي پياري ٿو مارين.

سلامي ڀريندي سڄڻ سال ٿي ويا،
ڀلائي ڪريو ڪا برا حال ٿي ويا،
دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين.

ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
پرين پهر پاسي گذاري ٿو مارين.

هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
ٻيائي نه ٿيندي ٻڌي ٻول ڪهڙا،
وري مرتضيٰ کي وسارين ٿو مارين.

1 تبصرا:

Unknown لکيو آهي

سائين هن ڪلام جو گلوڪار ڪهڙو آهي مهرباني فرمائي ٿوري رهنمائي ڪندا ۽ هي ڪلام انٽيرنيٽ تي دستياب آهي يا نه ؟

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔