امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/03/2016

يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو

راشد مورائي

يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو
يا ته هو منهنجي شعرن کي سمجهي نه سگهيو

خط جو مطلب هڪ جو ٽيون ڪڍيائين، جو
جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو

ٻهراڙي جو سادو سودو ماڻهو هو
سياست سان پُر شهرن کي سمجهي نه سگهيو

هو ته ذهين، ذهانت هن جي وئرٿ وئي
ماسڪ پاتل چهرن کي سمجهي نه سگهيو

وقت اجايو پاڻي وانگر وهندو ويو
قيمت وارن پهرن کي سمجهي نه سگهيو

گلقند جهڙن گفتن موهي مست ڪيو
دل ۾ قاتل زهرن کي سمجهي نه سگهيو

دهلن شرنائين سمجهايس شادي آ
پوڙهي جي سر سهرن کي سمجهي نه سگهيو

’راشد‘ ساري دنيا کي سمجهي ويو پر
پنهنجن يارن گهرن کي سمجهي نه سگهيو​

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔