امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/03/2016

سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ ​

راشد مورائي​

سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ ​
پاڻ پڏائڻ سنهنجوآ ، ميدان ملهائڻ مشڪل آ ​

ڀؤنرٿيڻ ۾ آساني آ ، گل جو واس وٺي سگهبو ​
پروانو ٿي باه وسائڻ جان جلائڻ مشڪل آ ​

روڪڻ ساڻ رهان ته بچان ، پر جيجل ! مان ڪيئن جوڙ ڇڏيان ​
ساه سهائڻ سولو آ ، پر ساٿ سهائڻ مشڪل آ ​

هاءِ عقل جا انڌا ڪي ، ”راشد“ کي اڃا سمجهي نه سگهيا ​
موت قبولڻ ممڪن آ ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ ​

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔