امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/12/2016

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين

نظم

احمد سولنگي

(سبتو سپنو)

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين 
کيڙيا آھن، پوکيا آھن 
چيٽَ، ڪتيءَ جا ڏينهن ڏُکيرا
ڀيري، ڀيري ڀوڳيا آھن.

پنهنجيءَ پوکَ پَچڻ جا ڪيئي 
لمحا ، لمحا پاليا آھن 
ڪُڙمين، ڏُٻرن ڏاندن، ڪانوَن 
ٻنيون، ٻارا ڪاهيا آھن 
اهڙا ڏينهن به جاليا آھن.

جيون کانڀاڻيءَ جو ڳوڙھو
وقت ڪئي آ ڪار به ڪهڙي
مون مان، مون کي درد چُڳي ٿو
هڪليان آخر جهار به ڪهڙي.

ڌرتيءَ تي هي پيرَ پَڌاري
سُبتي سپني ڏي اڀ- ڪپرو 
ابتي پير وڃان ڪئين آخر
ڏانوڻ جو به ڇِنائي ڌاڳو
ڍڪڻي ڪا به ڀَڃان ڪئين آخر.

ڌرتيءَ ساڻ ٽُٽي ڪئين ٽاڪو
جيڪا سورَ سِبي ويندي آ 
پنهنجي هٿ- ڪنول سان، اک جا
ڪيئي لڙڪ اُگهي ويندي آ 
تنهائيءَ جو زهر نچوڙي
امرت، امرت ٿِي ويندي آ 
اونداهيءَ ۾ اُرھ اگهاڙي 
جاڙا چنڊَ ڏئي ويندي آ.

ان جي سونهن، سَروپَ جو ماٽو
گَھرو، گَھرو، گهاٽو، گهاٽو
جنهن، جنهن پيتو، جنهن، جنهن ماڻيو
ڪاشيءَ جو، سو پيالو ٿِي پيو 
چانڊوڪيءَ جي رمجهم هيٺان 
مست اهو متوالو ٿِي پيو.

ڌرتي منهنجي پٿراڻي ۽ 
ڌرتي منهنجو آھ وهاڻو 
ڌرتي رنگُ رِليءَ جو کنهبو
ڌرتي منهنجي لاءِ وڇاڻو 
ڌرتي ٽانڊاڻي جو ٽاڻو
ڌرتي پرھَ ڦُٽيءَ جو جِھرڻو 
سج جي اوگهڙ جو هر پاسو
ڌرتيءَ جو ڇاتيءَ تي ڇاپو
ڌرتيءَ لئي هي تن، من تاسو.

ڀاڪر منجھ ڀريان ٿو ڌرتي
سارو هي سنسار به گهرجي
اتر، ڏکڻ، اوڀر، اولھ 
پرکنڊ ۽ ھر پارُ به گهرجي 
هومر، هيلن،
فردوسي يا حافظ، پُشڪن 
اشرف شاھ، عنايت، ڀٽائي 
ڏاهو هر ڏاتار به گهرجي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ لئي
شبدن جو ڀنڊار به گهرجي
پنهنجي ڏوهيڙن جي ڌاران
گيتن جي گُونجار به گهرجي 
تمراڻين جا هٿ به گهرجن
طنبوري ۾ تار به گهرجي
ڌرتيءَ ۽ دنيا جي ساري
پريت به گهرجي، پيار به گهرجي.

منهنجي ڌرتي عشق، محبت
منهنجي ڌرتي، منهنجي شھرت

وکريل ڪير ڏسي ٿو اڀ کي 
ڌرتيءَ موتين - مالهائن سان
جوڙ ڳچيءَ جا جوڙيا آھن
روز ڪَتين جا تارا چونڊي 
نيڻ انهيءَ ۾ ٻوڙيا آھن.

مون پڻ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ڪارڻ 
سانگ سمورا سوچيا آھن 
اک ۾ پُوئي، اک جا داڻا 
ڌرتيءَ کي ئي ارپيا آھن.

2 تبصرا:

power لکيو آهي

تمام خوبصورت شاعري، ۽ تمام خوبصورت سهيڙ پيارا سليمان وساڻ
نيازمند،
ڊاڪٽر سجاد سرورمهار

Zehara Batool لکيو آهي

بيهترين

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔