امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/12/2016

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين

نظم

احمد سولنگي

(سبتو سپنو)

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين 
کيڙيا آھن، پوکيا آھن 
چيٽَ، ڪتيءَ جا ڏينهن ڏُکيرا
ڀيري، ڀيري ڀوڳيا آھن.

پنهنجيءَ پوکَ پَچڻ جا ڪيئي 
لمحا ، لمحا پاليا آھن 
ڪُڙمين، ڏُٻرن ڏاندن، ڪانوَن 
ٻنيون، ٻارا ڪاهيا آھن 
اهڙا ڏينهن به جاليا آھن.

جيون کانڀاڻيءَ جو ڳوڙھو
وقت ڪئي آ ڪار به ڪهڙي
مون مان، مون کي درد چُڳي ٿو
هڪليان آخر جهار به ڪهڙي.

ڌرتيءَ تي هي پيرَ پَڌاري
سُبتي سپني ڏي اڀ- ڪپرو 
ابتي پير وڃان ڪئين آخر
ڏانوڻ جو به ڇِنائي ڌاڳو
ڍڪڻي ڪا به ڀَڃان ڪئين آخر.

ڌرتيءَ ساڻ ٽُٽي ڪئين ٽاڪو
جيڪا سورَ سِبي ويندي آ 
پنهنجي هٿ- ڪنول سان، اک جا
ڪيئي لڙڪ اُگهي ويندي آ 
تنهائيءَ جو زهر نچوڙي
امرت، امرت ٿِي ويندي آ 
اونداهيءَ ۾ اُرھ اگهاڙي 
جاڙا چنڊَ ڏئي ويندي آ.

ان جي سونهن، سَروپَ جو ماٽو
گَھرو، گَھرو، گهاٽو، گهاٽو
جنهن، جنهن پيتو، جنهن، جنهن ماڻيو
ڪاشيءَ جو، سو پيالو ٿِي پيو 
چانڊوڪيءَ جي رمجهم هيٺان 
مست اهو متوالو ٿِي پيو.

ڌرتي منهنجي پٿراڻي ۽ 
ڌرتي منهنجو آھ وهاڻو 
ڌرتي رنگُ رِليءَ جو کنهبو
ڌرتي منهنجي لاءِ وڇاڻو 
ڌرتي ٽانڊاڻي جو ٽاڻو
ڌرتي پرھَ ڦُٽيءَ جو جِھرڻو 
سج جي اوگهڙ جو هر پاسو
ڌرتيءَ جو ڇاتيءَ تي ڇاپو
ڌرتيءَ لئي هي تن، من تاسو.

ڀاڪر منجھ ڀريان ٿو ڌرتي
سارو هي سنسار به گهرجي
اتر، ڏکڻ، اوڀر، اولھ 
پرکنڊ ۽ ھر پارُ به گهرجي 
هومر، هيلن،
فردوسي يا حافظ، پُشڪن 
اشرف شاھ، عنايت، ڀٽائي 
ڏاهو هر ڏاتار به گهرجي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ لئي
شبدن جو ڀنڊار به گهرجي
پنهنجي ڏوهيڙن جي ڌاران
گيتن جي گُونجار به گهرجي 
تمراڻين جا هٿ به گهرجن
طنبوري ۾ تار به گهرجي
ڌرتيءَ ۽ دنيا جي ساري
پريت به گهرجي، پيار به گهرجي.

منهنجي ڌرتي عشق، محبت
منهنجي ڌرتي، منهنجي شھرت

وکريل ڪير ڏسي ٿو اڀ کي 
ڌرتيءَ موتين - مالهائن سان
جوڙ ڳچيءَ جا جوڙيا آھن
روز ڪَتين جا تارا چونڊي 
نيڻ انهيءَ ۾ ٻوڙيا آھن.

مون پڻ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ڪارڻ 
سانگ سمورا سوچيا آھن 
اک ۾ پُوئي، اک جا داڻا 
ڌرتيءَ کي ئي ارپيا آھن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين

غزل

سائينداد ساند

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين، 
حياتيء پڪاريو وري جِي وياسين.

تصور مٍ تصوير ايندي اوھان جي، 
غمن ھو گذاريو وري جِي وياسين.

نگاھن نوازيو ادائن اُڀاريو، 
دلاسن ڌتاريو وري جِي وياسين.

اوھان جي ھٿن جي حرارت ملي جا،
بدن ھي بھاريو وري جي وياسين.

اسان کي تہ ماري چڪو ھو زمانو، 
اوھان جو جياريو وري جِي وياسين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رستا سارا ڪارا ڪارا

غزل

سائينداد ساند

رستا سارا ڪارا ڪارا 
يادون تنھنجون ڏيئا ڏيئا.

پاڻ تہ پيارا ملنداسين پيا 
جڳ کان جذبا ڏاڍا ڏاڍا.

منھنجو جِيئڻ جاري رکندا
تنھنجون مرڪون ماڻاماڻا

تحفن جو تفصيل ڏيان ڇا
ڪنڊا ڪنڊا ڪاوا ڪاوا.

مون مان سارو ھٺُ ھليو ويو
نيڻ جو تنھنجا نھٺا نھٺا.

ڪٿِ بہ ھجين تون ڪِٿِ بہ لڪين تون
نيڻ تہ منھنجا پھتا پھتا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/11/2016

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

غزل

سعيد ميمڻ

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا
ڀَريُون نه دل جون خلائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

لکُون ھا گيت گلن جي حسين باغن ۾
رُلڻ لئه روڊ ڏنائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

کڻي نگاھ اُڃارِي، ڏٺوسين صحرا مان
مٿان وَسيُون نه گھٽائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

جَنين تي دِيدَ پَوَڻ سان ئي لُونء ڪانڊارِي
کڻي نه نيڻ ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

ملي سگھياسين نه ھُن سان ئي ڄامشوري ۾
مليون اُھي ئي ھوائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

اسان ته ننڊ ڪرڻ لاء نيڻ ٻُوٽيا ھا
اوھان جو خواب لڌائون ته نيڻ ڀرجي وِيا

ھا چار پيرَ، ڪنارو ۽ سُرمئي سانجھي
ڪُنن ۾ ڪين ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/11/2016

پاڻ منجھ پرواز وانگر ٿو لڳي

غزل

امر اقبال

پاڻ منجھ پرواز وانگر ٿو لڳي
عشق، الاھي راز وانگر ٿو لڳي

ھن سفر جا مرحلا ڪيڏا عجيب
انت ڀي آغاز وانگر ٿو لڳي

آرسي ڪيئي پڙاڏا ٿيو وڃي
چهرو ڄڻ آواز وانگر ٿو لڳي

مون ۾ آھي، پر نـ ٿو ڪنھن تي کلي
درد دل ھمراز وانگر ٿو لڳي

ڌڙڪنون ڄڻ ماترائون شعر جون
ساھ ڀي ڪنھن ساز وانگر ٿو لڳي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

عشق جي منزل هميشـﮧ چنڊ تارن کان مٿي

غزل

سيد احسن الهاشمي

عشق جي منزل هميشـﮧ چنڊ تارن کان مٿي،
عشق جي بيهوش ٿيو ته به عقل وارن کان مٿي.

آسمانن کان مٿي ۽ چنڊ تارن کان مٿي،
منهنجو سهڻو ڪل جهان جي حسن وارن کان مٿي.

تو سوا بادِ بهاري، ڄڻ جهنم جي هوا،
تنهنجي قدمن ۾ خزان جو خط بهارن کان مٿي.

رات گذري جاڳندي رئندي تڪيندي راه رند،
هوت هرگز ٿي نه سگهندو انتظارن کان مٿي.

آءٌ نه تنهنجي در اچان سو ڪيئن ٿئي ممڪن سڄڻ،
تون اچين مون وٽ اهو ٿيو اعتبارن کان مٿي.

تون نظر ڦيرين سڄي دنيا نظر ڦيريو ڇڏي،
گل به اندم ٿا اذيّت ڏين خارَن کان مٿي.

زندگي ٿي خوگرِ طوفان طلاطم آشنا،
مطمئن گرداب ۾ آهيان ڪنارن کان مٿي.

بس الائجي ڇو ذري پرزي تي دل ڀرجيو اچي،
ٿي وئي پنهنجي طبيعت آهي پارن کان مٿي.

ائين نه ٿئي جو بي رخي جا سور سهندي ٿي وڃي،
قوتِ برداشت غم جي اقتدارن کان مٿي.

دوست هاڻي دم دلاسي جي ضرورت ناهي ڪا،
بيڪسي منهنجي وڃي پهتي سهارن کان مٿي .

ڪيم ڇڏ دروازه آلِ محمد جو سندن،
سايهء دامانِ رحمت عيبدارن کان مٿي.

ٻيا لکين عاشق سڏائن ۽ چوائن سرفروش،
ڪير ٿيندو ”احسنِ“ آشفته پارن کان مٿي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٿي ھوريان ھوريان ڪنگ لٿا ھو ساز ھوا ۾ ٻيجل جو

غزل

منورملاح

ٿي ھوريان ھوريان ڪنگ لٿا ھو ساز ھوا ۾ ٻيجل جو،
ڪنھن سک وڍيو آ سڏڪن جو ڪنھن دار سجايو مقتل جو.

سنڌ وارن جا رنگ صوفي ۾ تو کوڙ نياپا آندا ھا،
ڪنھن جاڳايو رنگ نيري کي ڪنھن خواب ڪسايو منزل جو.

تون ڏور ھليو وئين لھرن سان خاموش ڪنارو سوچي ٿو،
ڪي نيڻ نظارا ناسي ھا ھر شام ته پاڇو ساحل جو.

ھا پير لڪايا نيڻن ۾ ھر واٽ چڀي ٿي نوڪ جيان،
پر ڪان ٿڪاوٽ مون ۾ ھئي ھر پار پٿر آ پنھل جو

ڪير ستارا جانچي ٿو اڀ جي راھ مٿي ھن ٻيڙي ۾،
ڪنھن لوڀ پرائي قيدي ڪيو ھر سال لڳي ٿو پل پل جو.

ڪو مون ۾ صحرا تڙپي ٿو ٿيو ٽوھ سمورو جيون آ،
آ پيار اسان کان ايئن رٺل ھو باغي پاڇو بادل جو.

ڪو سار لھي ھر سورٺ جي ٿو چين ڦرائي جيون جو،
ٿو چنگ ٻري تنھن کي جھليو ڪنھن ساز وڄايو قاتل جو.

پرواز ھئي شھباز جيان ھي رقص اجايو ناھي ير،
ڪو اڀ آھي اڄ پيرن ۾ ڪنھن راز پرايو محفل جو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>