امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/06/2013

هاڻي آءُ هلي، آيا سانوڻ مينهنڙا


وائي

مجيب سنڌي

هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا

ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

مجيب تو لئه ٿو سڪي
اڄ مل تون به کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا 






1 تبصرا:

mujeeb sindhi لکيو آهي

محمد سليمان وساڻ سائين اوهان جي مهرباني. اوهان منهنجي شاعري کي شاعري ڪارنر ۾ شامل ڪيو آهي.

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔