غزل
روبينه ابڙو
ڪا ازل جي پاڻياري آھِ مون ۾،
ڇو اُڃاري پو به وارِي آھِ مون ۾؟
مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،
ڪنهن وري هِي ناوَ تاري آھِ مون ۾.
امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا،
پر اندر ڪا جنگ جاري آھِ مون ۾.
هر گهڙي ٿي سار تُنهنجي پئي پِگهاري،
هر گهڙي ڪا برف باري آھِ مون ۾.
دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،
موج ۾ ڪائي ڪَماري آھِ مون ۾.
گُونج ڀي تو ئي ڪئي هئي قيد منهنجي،
ڪُونج ڀي تو ئي اُڏاري آھِ مون ۾.
تار ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ۾،
راتِ ڪا مِيران گُذارِي آھِ مون ۾.
مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،
پر ڳُجهي ڪا بيقراري آھِ مون ۾.
مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،
ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آھِ مون ۾.
لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔