غزل
ياسر قاضي
دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟
چين ساري ڄمار ۾ ڪونهي.
ڪوئي غمدل انيڪ ڏينهن کان،
تنهنجي سهڻا! سنڀار ۾ ڪونهي.
تون جو پنهنجي شهر ۾ اڄ ناهين،
شخص ڪوئي قرار ۾ ڪونهي.
جيڪا تيزي زبان ۾ آهي،
اهڙي ترشي ترار ۾ ڪونهي.
ميٺ محبت ۾ جو مزو آهي،
خلق جي خلفشار ۾ ڪونهي.
شور، جو سونهن جي نظر ۾ آ،
پيار جي ڪنهن پڪار ۾ ڪونهي.
تنهنجي لهجي ۾ جا آ شيريني،
ڪنهن به ماکيءَ جي لار ۾ ڪونهي.
تنهنجي گفتي جي دلڪشي دلبر!
موسمن جي نکار ۾ ڪونهي.
تنهنجي نيڻن ۾ جو نشو آهي،
ڪنهن به خاصي خمار ۾ ڪونهي.
هيل ڇا ڳالهه آ جو سرمستي،
سونهن وارن جي سار ۾ ڪونهي.
جو مزو ”هائوڪار“ ۾ آهي،
عشق وارن سان عار ۾ ڪونهي.
عشق ۾ جيڪا سرخوشي آهي،
عقل واريءَ اڏار ۾ ڪونهي.
زندگي تنهن کان پڇ ته ڇا آهي،
جنهن جي پورت پگهار ۾ ڪونهي.
ڪهڙي خوبي پيو ڳڻين مون ۾؟
ڪجهه به هن داغدار ۾ ڪونهي.
پاپ، پڇتاو جو ڪو پل” ياسر!“
منهنجي ساريءَ ڄمار ۾ ڪونهي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔