امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/01/2013

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا



عطا محمد ”حامي“

غزل

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا،

تنهنجي زلف جي قيدين ڪاڻ ڪٺا سامان هزارين پيا ٿيندا،
هر روز نون تعزيرن جا اعلان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان بي ايمان هزارين پيا ٿيندا.
تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا سامان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي گهور جا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻموٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا.
تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي بي جان هزارين پيا ٿيندا.

جي ٻول مٺا پيا ٻوليندا، سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا،
صياد جي پاپي پڃري ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا.

تنهن رات کي جن روشن نه چيو، تنهنجي زهر کي جن ماکي نه سڏيو،
تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي انسان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا باهه مبادا ڀڙڪي پئي،
تنهن باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا.

جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،
تنهن عاشق تي الزامن جا احسان هزارين پيا ٿيندا.

هر روز فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،
هيئن اهل وفا جي دردن جا درمان هزارين پيا ٿيندا.

هر لهر لتاڙي سير لنگهي، جنهن وقت ڪناري تي ايندي،
تنهن وقت اسان جي ڪشتيءَ کي طوفان هزارين پيا ٿيندا.

هن وقت نٿو جو قدر ڪري، هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،
”حاميءَ“ جي مرڻ کان پوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔