امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/01/2013

مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

راشد مورائي


مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

مون ڇا نه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

هي قوم ته قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀڙ اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

آ سچ ننڍو، وِهه ڳنڍو آ، هو پربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوري ٺوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪوئي چوڙو آ
هر واءَ اڳيان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔