امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


01/04/2013

ڏکن کان ڌار ٿي وڃجي! گهڙي پل ٻار ٿي وڃجي



غزل

رخسانه پريت چنڙ

ڏکن کان ڌار ٿي وڃجي!
گهڙي پل ٻار ٿي وڃجي.

پرين جي جيت تنهن آڏو،
سراپا هار ٿي وڃجي.

اتان کان جڳ کي پسجي،
نگاھ يار ٿي وڃجي.

ملي ڪا پيار جي بستي،
وڏي والار ٿي وڃجي.

لڳن الزام جا پٿر،
ها گنهگار ٿي وڃجي.

ڇو هينءَ هاڪار هر ڀيري؟
ڪڏهن انڪار ٿي وڃجي.

وڃائي ساري ئي هستي ،
صنم جي سار ٿي وڃجي.

چئي دل ٿي وري هن جي،
هينٰءَ جو هار ٿي وڃجي



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔