امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/04/2013

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي

غزل

روبينه ابڙو

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي
هيئن منهنجو چين نه کڻ جوڳي

ڇا لاء تون راهه نهارين ٿو
اڄ ٿيندو ڪين اچڻ جوڳي

ڄڻ گُلَ تي تازا ماڪَ ڦڙا
اهڙو تنهنجو مُرڪڻ جوڳي

ڇو مونکان وسري ڪين سگهيو
تنهنجو خاموش ڏسڻ جوڳي

ڪلھَ رستا ڌارونء ڌارَ ٿيا
اڄ ٻيهر ايئن نه وڻ جوڳي

تولاء تڪيندم راهه سدا
ڀل وسرين هيلَ ورڻ جوڳي

ڪيئن توکان آخر وسري وئي
منهنجي پازيب وڄڻ جوڳي

ڇا ڇا نه اچي ويو ياد وري
جو گُهليو ڪالهه ڏکڻ جوڳي

ڇا منهنجو موهه نه ٿو سمجهين
ايڏو اڻڄاڻ نه بڻ جوڳي

منهنجي نه سهي منَ جي ئي سُڻ
ايئن پٿر ٿي نه پهڻ جوڳي

اچ سنڌڙيء جي ڪا سونهنَ ٿيون
ڇڏ دنيا جو ٽمجهڻ جوڳي

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔