امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/04/2013

ڪڪريون منهنجو ويس ميان !, آنءُ اُگهاڙو، ڪير چوي !



غزل

شيخ اياز

ڪڪريون منهنجو ويس ميان!
آنءُ اُگهاڙو، ڪير چوي!

ناهي سهسين سُرڳَ سَمانُ
تنهنجو پاڙو، ڪير چوي!

زاهد! زم زم مان ته نه آ،
ميءِ کي ٻاڙو ڪير چوي!

ڏينهَن ڏٺي جو هيءَ نهارَ!
اهڙو ڌاڙو، ڪير چوي!

چَنڊُ ڪُٺيءَ جو ڪانڌي ناهه،
سِجُ ڪُهاڙو، ڪير چوي!

ڪنهن کي سسئيءَ سارَ ”اياز“
ههڙو هاڙهو! ڪير چوي!


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔