غزل
عائشه ميمڻ
دل رنو آهي جو، رني آشا،
لڙڪ منهنجن ۾، ڄڻ ڀني آشا!
آ خدا، حوصلو ڏنو ورنه،
ڪين انسان کان،
پني آشا.
هيءَ مون کان اڳي مري ويندي،
موت کان ڪو نه
آ، ڊني آشا.
ڪنهن نه احساس سان ڏٺو آهي،
ٿو لڳي ڄڻ، ڇوري
ڇني آشا.
زندگيءَ ۾ اها، ضروري آ،
’عائشه‘
وقت جا ڏني آشا
. **
غزل
ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،
ماڻـﮬـو ڄڻ سو مرندو ناهي.
جـﮬـڙو ڌرتي چاهي سڀ کي،
اهڙو ڪير نه ڪنهن کي چاهي.
جيجل! تنهنجا ٻچڙا مرڪي،
چڙهندا آزاديءَ لئه ڦاهي!
مجبوري ڏس مسڪينيءَ ۾،
پيئي زاري وک وک ڳاهي!
’عائشه‘ پڄري پڄري پو ٿي،
پَت ڪر پيارا شعر هي ٺاهي.
غزل
راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،
ڀونءِ سان ڄڻ ته پورو، قسم ٿي وڃي.
جو به کيڙي سمهي، سو بکي پيٽ ڇو؟
فرد حق لاءِ هي، سرگرم ٿي وڃي.
ڪرت مزدور جي، آ عبادت مڃو،
جا بجا پوءِ آدم، اتم ٿي وڃي.
مڙس کي ٿي، مجازي خدا جا مڃي،
ڇو قتل ٿي وَني بي جرم ٿي وڃي.
’عائشه‘ پيار جي، موٽ نفرت نه ڏي،
موهه انسان جو، شل ڌرم ٿي وڃي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔