غزل
مريم مجيدي
اوهان
کي وسارڻ ڏکيو آ ڏکيو،
اسان
هانوَ هارڻ ڪٿي آ سکيو.
سدا
مند سپنا انهن کان رُسيا،
اوهان
جي اکين جن اکين کي ڪکيو.
ڪريو
سار سنگسار دل کي وڃي،
اچي
حوصلو پيو وڇوڙا چکيو.
انهن
سان شڪايت ڪٿي ٿي ٺهي،
جنهنَ
کي اسان هو لکن مان لکيو.
ڀلي
درد دستور پنهنجا هلي،
اسان
عشق کي معتبر آ رکيو.
جدوجهد
ناهي ته جنت به ڇا؟
ٺلهو
ڪيسين رهبو چکيو ۽ مکيو.
اميدون
اُجهاڻيون ۽ سُڏڪا سُتا،
اڃا
من اوسيئڙي ۾ آهي ٻَکيو.
رڳو
مان ته ناهيان سڄو ڏيهه ڏس!
فقط
مُرڪ هڪ لاءِ ڪيڏو بکيو!
ڌراوت
اسان جي اوهان نانءُ سڀ،
غزل،
گيت ۽ زندگيءَ جو لکيو.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔