امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


13/02/2014

ڇاڇا راز هئا! واهيري جي واٽ ۾

وائي

روبينه ابڙو

ڇاڇا راز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

ڳِجهن ٿي لاماريو،
ڪيڏا باز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

واڪا ڪيڏا واءُ ۾،
سَر سَر ساز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

ڪونجن ٿي ڪرلائيو،
هنج همراز هئا،
واهيري جي واٽ ۾.

ٻَھه ٻَھه ٽانڊاڻو ٻَريو،
وک وک ناز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

پوئياڙيءَ پاڇا،
ڄڻ آغاز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔