امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/02/2014

ڪيئن چوان ڪا ته خبر آھي يا نه آهي




غزل

نظر پياسي

ڪيئن چوان ڪا ته خبر آھي يا نه آهي 
ڪير ٿو ڪپڙا سُڪيءَ تي نيٺ لاهي 

لوڪ جون ڳالهيون مڙئي ڳالهيون رهيون 
ڪا خبر ناهي مرڻ کان پوءِ ڇاهي 

وقت تنهائيِ بڇي آهي ڇڏِي
شام ڪا اچجانءِ اسان ڏي ٺاھ ٺاهي

پيار ۾ آ زندگي تون پيار ڪر؛
ڪالھ هر هر پئي چيو هڪ شخص ڏاهي 

تنهنجي سِر جو آ قسم منهنجا ڌڻي ؛
تو سوا ”پياسيءَ“جو مالڪ ڪوبه ناهي

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔