امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/02/2014

وري ياد تنهنجي اچي ٿي ڪيان ڇا ؟


غزل

نظر پياسي

وري ياد تنهنجي اچي ٿي ڪيان ڇا ؟ 
منهنجي سوچ ويتر وڌي ٿي ڪيان ڇا ؟ 

لڳي ٿو تو ساريو تڏهن ٿي آ هڏڪي 
اِها ڳالھ دل ۾ کُکي ٿي ڪيان ڇا ؟ 

ڪڏهن ايندين منهنجو وسائيندين ويڙهو 
اِها ئي تمنا رهي ٿي ڪيان ڇا ؟ 

چئي چيٽ ۾ وئين ، ڪَتي ڀي ته گُذري 
ڏينهون ڏينهن موسم ڦِري ٿي ڪيان ڇا؟

روئي روئي نيڻن جو پاڻي سُڪي ويو ؛
جيئن سنڌ ڌرتي ، سُڪي ٿي ڪيان ڇا؟

اميدون ”نظر“ جون ڪڏهن پوريون ٿينديون ؟ 
مونکان ”پياسي“ دلڙي پُڇي ٿي ڪيان ڇا ؟

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔