امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/02/2014

اکيون ئي ته آهن پرين سونهن ساري

اکيون

نظر پياسي

اکيون منهنجون هر وقت آليون به آهن
جي آليون به آهن ته ڳالهيون به آهن
جي تنهنجون ڪي يادون سنڀاليون به آهن
سنڀاليون به آهن ته ڳالهيون به آهن

اکيون ئي ته آهن پرين سونهن ساري
اِهي نيڻ آهن ڏمر ڏهس زاري
اکيون نينهن واريون نراليون به آهن
نراليون به آهن ته ڳالهيون به آهن

ائين تنهنجي نيڻن ۾ گُم ٿي وياسين
اَدائُن ۾ جيڪر مَري جِي وياسين
گهڙيون گڏ گُذاريل سواليون به آهن
سواليون به آهن ته ڳالهيون به آهن

هَلي آءُ تون بانورا ڇا کپي ٻيو
اکين جا ملن ڇانورا ڇا کپي ٻيو
مِٺيون چاھُ وارن جون ڇاليون به آهن
ڇاليون به آهن ته ڳالهيون به آهن

” نظر“ کان ته مونکي پري ڪين رکجان
”پياسي“ اکين کي ڀري ڪين رکجان
اکيون منهنجون تولئه مواليون به آهن
مواليون به آهن ته ڳالهيون به آهن

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔