امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/02/2014

اڄ به ته اکڙيون ڀَرجي آيون


غزل

نظر پياسي

اڄ به ته اکڙيون ڀَرجي آيون 
وڏ ڦُڙو ٿي مينهن وسايون

موٽي اچُ تون من جا مالڪ
تولئه جيءَ جون ساريون جايون

سرديءَ جون اونداهيون راتيون
تنهائيءَ ۾ ڪيئن سَجايون

آھي اُميد ته قسمت واريون 
نيٺ ته ٿينديون ڏور ڏنگايون

آهين ناهين پوءِ به ”پياسي“
توکي پنهنجو سيس نمايون



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔