امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/02/2013

جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو, سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو



ابراهيم منشي

ڪنهن جي ٿي هِت ذات وڪامي...
ڪنهن جي ٿي هِت ڏات وڪامي....
ڪنهن جي ٿي هِت بات وڪامي....
ڪنهن جي ٿي هِت رات وڪامي....
هيڏي وڪري ۾ جو نه وڪاڻو......
تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو........
جهڙو ماڻهو تهڙوناڻو............
هر ڪو پنهجي اگهه اگهاڻو.......
جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو...........
سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو........

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔