غزل
هدايت
بلوچ
رات ايڏي اماس ڇو آهي،
شام ايڏي نراس ڇو آهي.
ڪنهن جي چهري ۾ ڪا چهر ناهي،
هر ڪو ماڻهو اداس ڇو آهي.
ڪنهن طرح سان به اُڃ اجهي ئي نه ٿي،
تن اندر ايڏي تاس ڇو آهي.
سونهن، سوڀيا ۽ سچ ويا ڪيڏانهن،
زندگي ايڏي ناس ڇو آهي.
وايو منڊل تباهه ٿي ويو آهي،
پوءِ به هڪ هلڪي آس ڇو آهي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔