امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/02/2013

اوهين هن اونداهي رات جا سدا ملوڪ ستارا آهيو



  (سٽون : عبدالحڪيم ارشد)

ان ڪري، نوجوان دوستو! قومپرست ساٿيو !
==========================
اوهين هن گُگھ اونداھ ۾ جرڪندڙ ستارن جي ازلي جوت آهيو،
ستارا، جي پرھ جا پيغامبر هوندا آهن،
ستارا، جي ڪنهن ڳوٺاڻي نارِ جي چُنيءَ جا چِٽ ڀانئبا آهن،
ستارا،جي اُماس رات ۾ آُهاءَ جي علامت هوندا آهن،
ستارا،جي سونهن ۽ سچ جو ساڀيان روپ هوندا آهن،
ستارا، جي امڙ جي اکين جا تارا آهن،
ستارا
، جي سنڌوءَ جي سينڌ ۾ سونهن جو سينڌور ڀريندا آهن،
ستارا،
جن جو مانڊاڻ من موھيندڙ هوندو آهي،
ستارا، جي اوندھ جي وجود تي وار آهن،
جي سڄي رات سڙي،ٻري،ساڻيھ کي سوجھرو بخشين ٿا
۽ واٽهڙن کي واٽ ڏسين ٿا،
ستارا، جن جي جدا جدا وجود ۾ به جوت ساڳي آهي،
ستارا، جي نظم ۽ ضبط ،جزب ۽ ڪشش جي علامت بنيل آهن،
ستارا، جي ڌرتي جي ڌڙڪندڙ دل جا رازدان آهن،
ستارا، جي نه راه بدلائي ڄاڻن،نه ڏات لڪائي ڄاڻن.
جن کي رات جي ڪا به سازش شڪار بنائي نٿي سگھي،
اوهين هن اونداهي رات جا سدا ملوڪ ستارا آهيو.

 


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔