امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/02/2013

هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئي

غزل

عبدالغفار تبسم
  
هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئي،
هــڪ چنڊ تماشو هو، هـڪ چنـڊ تماشائي،

لهرن جي ڇهـائن ۾، چاهـت جي گرمجوشي،
پگهرائي وئي هُن کي، احساس جي ڪِتــِڪَـائي۔

هو سونهن سنوارڻ لئه، سينگار ڪرڻ بيٺي،
اڳ ۾ ئي سندرتا جي، ديوي ٿي لڳي ڪائي۔

نيڻن جي نهارن سان، هُـن چنـــــڊ جهلايو پئي،
پنبيڻ جي هندوري ۾، هن رات پئي جهومائـي۔





2 تبصرا:

سنڌي لوڪ ادب لکيو آهي

ادا ڪم ته لاجواب ڪيو ٿوَ۔ هيترا سادڙا ۽ سٻاجهڙا شاعر کڻي گڏ ڪيا ٿئي
منهنجي نظر ۾ شاعر نياز همايوني به سنڌي شاعري ۾ ضرور ڳڻجي

Muhammad Suleman Wassan لکيو آهي

لک قرب سائين

هي بلاگ اڃان تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ سنڌ جا سڀ شاعر شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔