غزل
زخمي چانڊيو
تو ته
دڙڪو به مُرڪِي ڏنو هو، مُون ته راتين جُون راتيون رنو هو.
تو ته چرچو ڪيو پنهنجي پَرِ ۾، مُنهنجو ڳوڙهن سان دامن ڀنو هو.
ڏوهُه مُنهنجو مٺا ڪونه هو ٻيو، ويندي تنهنجي هٿن کي چُميو هو،
سڄي محفل جي سامهون ڏئي جهڻڪون، هَٿُ هَٿَ مان تو زوري ڇنو هو.
جڏهن مونکان ڪيا تو ڪنارا، تنهنجا فوٽو ۽ خط ٿيا سهارا،
مونکي پوءِ ڀي شڪايت نه آهي، ڇوته تنهنجي ڏني ٿيو ٻَنو هو.
ماڻهو جيئرن سان جاڙُون ته ڪن ٿا، مُئي کانپوءِ هُو روئن رڙن ٿا،
مُئي کي ماڻهُو مکڻ ڪيئن چون ٿا، جيئري ”زخمي“ ته ڪوجهو ڪِنو هو.

0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔