امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/02/2013

چنڊ جا ٽڪرا پيا نيلام ٿين, حسن جا جلوا پيا نيلام ٿين

غزل

هدايت بلوچ

چنڊ جا ٽڪرا پيا نيلام ٿين
حسن جا جلوا پيا نيلام ٿين

سنڌ جا پُٽ روز پيا صدقي ٿين
سنڌ سان ناتا پيا نيلام ٿين

سنڌ ۾ آ روح سنڌين جو ڀريل
روح جا رشتا پيا نيلام ٿين

سنڌ جي ماڻهن سان جي وعدا ٿيا
اڄ اهي وعدا پيا نيلام ٿين

رشوتن مان گنج جن آ گڏ ڪيو
اڄ اهي گنجا پيا نيلام ٿين

ريش ۽ دستاربندن جي هٿان
مذهبي فتوا پيا نيلام ٿين

ڏس وڃي نيلام گھر ۾ واڪ تي
شعر ڪنهنجا ٿا پيا نيلام ٿين



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔