امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/02/2013

چُپ چاپ لڏي ويو آن، غيرن جي تڏي ويو آن

غزل
                                                
 زخمي چانڊيو
 
چُپ چاپ لڏي ويو آن.
غيرن جي تڏي ويو آن.

گڏ کيڏياسين جاٿي،
سا جُوءِ ڇڏي ويو آن.

مَئي پيار جي پيئاري،
ڪيڏو ته اَڏي ويو آن.

مـــــــاريــنــدي اڪــــــــيلائـــي،
غم ۾ جو گڏي ويو آن.

”زخميءَ“ کي ڏئي صدما،
وجهي وَهم- وَڏي ويو آن.

1 تبصرا:

mujeeb sindhi لکيو آهي

ادا اوهان جو ڪم ساراهه جوڳو آهي.
بهترين مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو جي شاعري مان اوهان سٺي چونڊ ڪئي آهي.

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔