امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/02/2013

ناهه ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾

ابراهيم منشي

هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾
ناهه ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾،

چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار
سڀ ٻيا مسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾،

واهه ڪورٽ جج تون جلاد تون
ڪوبه رهندو ڪين تنهنجي ڳوٺ ۾،

هر معلم وڻج ۽ واپار سان
دين سان بي دين تنهنجي ڳوٺ ۾،

جنهن کي پوري تنهن کي سوريءَ چاڙهيو
تنهنجو ٿيو آئين تنهنجي ڳوٺ ۾،

بيڪسن ۽ بيوسن جي خون مان
تولاءِ پئرس چين تنهنجي ڳوٺ ۾،

مرڪ تنهنجيءَ کي ڏسي منشيءَ پڙهي
سوره ياسين تنهنجي ڳوٺ ۾
.

1 تبصرا:

Unknown لکيو آهي

Nice Suleman sehab

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔