امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


20/02/2013

پنا ڏاڍا رُليل آهن. اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو



غزل
هدايت بلوچ

پنا ڏاڍا رُليل آهن. اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.
گھڻا واقعا ڀُليل آهن. اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


اسان جي چاھ جي چرچن سندو چوٻول ڏاڍو آ.
گھڻيون ڳالهيون هُليل آهن. اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو
.


هو جاڳن ها ته گيتن جي گھڻي گونجار ٻڌجي ها.
مگر ساٿي سُمهيل آهن، اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


اسان کي ڪجھ نه حاصل ٿيو ، تڏهن ماڻهو چون ٿا پيا،
اهي رولو رُليل آهن
اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


اسان جون سڀ مڏيون محبوب ميڙي ويا، اسان خالي .
سڀئي عاشق ڦُريل آهن، اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


جواني جون اُهي موجون، اُهي مستيون هينئر ڪاٿي ؟
هينئر جيئڙا جھُريل آهن، اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


پلئو ۾ پيار ڀي ڪونهي، نه ڪي کيسي ۾ ڏوڪڙ آ،
سڀئي کاتا کُٽل آهن، اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


“هدايت” ماٺ ڪر هاڻي، شڪايت مان به ڇا حاصل ؟
هتي مُنصف مُئل آهن ، اسان کان ڪجھ نه ٿي سگھندو.


 

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔