امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/02/2013

دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ، ڪن ٿا دل آزاري


استاد بخاري

دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ ، ڪن ٿا دل آزاري،
ڪنڌ جهڪيو هو جن قدمن تي، چوٽ لڳي ڪاپاري.

ڪوئل ڏي ويس بلبل ڏي ويس، پرواني ڏي ويس،
جنهن جنهن وٽ ويس، تنهن تنهن وٽ آ زاري.

تنهنجو منهنجو ناتو رشتو، شايد موت ڇني،
هيءَ ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري.

اوکي بازي اُلفت واري، پياري ۽ نياري،
هيءَ جن جيتي تَن به نه جيتي، هارين ناهي هاري.

پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد،
عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري.



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔