امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/02/2013

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو

غزل
                                                                
زخمي چانڊيو

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.
مگر منهنجي ٻولي مَٽائي نه سگهندين.

ٻُڌي ڇڏ ارادو اٽل ٿئه اسان جو،
ڪڏهن ڀي، قسم تي هَٽائي نه سگهندين.

مڃان ٿو اڏيءَ تي ڪُهين ٿو تون ڪونڌر،
سوين سِيسَ ليڪن ڪَٽائي نه سگهندين.

جڏهن منهنجو هٿ ڀي گريبان تي پُهتئه،
ستمگر تِري پو پَٽائي نه سگهندين.

هي هارين جي ڌرتي، مزورن جي ڌرتي،
انهن جون تون پاڙون پَٽائي نه سگهندين.

ڏسي هاڻي مونکي ڀڄڻ جي نه ڪر تون،
ائين موت کان تون نٽائي نه سگهندين.

ڀلي لاش ”زخميءَ“ جو لوڙهي لَٽي ڇڏ،
مگر نانءٌ منهنجو لَٽائي نه سگهندين.

*****************


غزل
                                                                
زخمي چانڊيو

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو.
اُچائڻ رنجائڻ اسان کان نه ٿيندو.

غريبن يتيمن کي اغوا ڪرائي،
ائين ڀُنگ کائڻ اسان کان نه ٿيندو.

پَڪو پختو واعدو ڪري ڀل ڦِري هُو،
وچن کي وسارڻ اسان کان نه ٿيندو.

نه چورن سان ياري نه ٿاڻي تي اچ وڃ،
ٻَڌائڻ ڇڏائڻ اسان کان نه ٿيندو.

اسان کي ڏسي جيئن ڪيو تو هو پاسو،
ائين مَن! لنوائڻ اسان کان نه ٿيندو.

ٻُڌائڻ گهُرون ٿا فقط سُورَ توکي،
گهڻن کي ٻڌائڻ اسان کان نه ٿيندو.

جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.

*****************
 
غزل

 زخمي چانڊيو

آيو هو مهمانن وانگي.
بنجي پيو بيمانن وانگي.

تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.

تنهنجا فوٽو ڪاڪ- ڪنڌيءَ تي،
رحل مٿان قرآنن وانگي.

جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.

هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاري ۽ پانن وانگي.

روزُ ڪندو ٿو ويل رهي هُو،
برساتي طوفانن وانگي.

نيڻ اچن ٿا ڀرجي ”زخمي“،
ساقيءَ جي پيمانن وانگي.

*****************                

غزل

                                              
زخمي چانڊيو

روز هُو مغرور ٿيندو ٿو وڃي.
قوم لئه ناسُور ٿيندو ٿو وڃي.

* تيزُ تر آ مُووِمينٽ ڏينهن ڏينهن،
سنڌي ڏِس مجبور ٿيندو ٿو وڃي.

ڀُونءِ پنهنجيءَ تان ائين ڇو بي دخل.
هاري ۽ مزدور ٿيندو ٿو وڃي.

ديس پنهنجي جو ڌڻي ڌارين هٿان،
ڏينهون ڏينهن معذور ٿيندو ٿو وڃي.

سنڌ ٿي بيرُوت ويئي تنهن ڪري،
ماڻهو هر رنجُور ٿيندو ٿو وڃي.

قتل سنڌين جو ڪري هُو غير ڏِسُ،
شهر ۾ مفرور ٿيندو ٿو وڃي.

پَٽِ اکيون ٿيون مفت بازارون لڳن،
ڇو سنڌي بي نُور ٿيندو ٿو وڃي.

زخم ”زخمي“ جو وڃي ٿو وِگهرندو،
تنهن ڪري منصُور ٿيندو ٿو وڃي.


* Movement = Activity
 
 *****************

غزل

                                                              
زخمي چانڊيو

دلبرن جي دلبري مُون کان نه پُڇُ.
ڳالهه اهڙي اڄ وري مُون کان نه پُڇُ.

دشمنن جي دُشمني پوءِ ڀي چڱي،
دوستن جي دوستي مُون کان نه پُڇُ.

جُهور پوڙهي پرڻِي آ نينگرِ ننڍي،
رات ساري ڪيئن رڙي مُون کان نه پُڇُ.

خانصاحب جا ڪُتا ٿا عيش ڪن،
ڪيئن بُکي آڪَههِ سُتي مُون کان نه پُڇُ.

ڳَههَ رکي گِروي ڪيم پنهنجو علاج،
ڊاڪٽرن جي بي رُخي مُون کان نه پُڇُ.

آهَ مُون هڪڙي ڀري، اُڀ ويو ڏڪِي،
ڪيئن ڌرتي پئي ڌُڏي مُون کان نه پُڇُ.

لوڪُ هي ڇا ٿو چوي ٻُڌندو نه ڪر،
ڇا هلي ۽ چلي مُون کان نه پُڇُ.

ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين ”زخمي“ چريا!
ويههُ تون خاموش ٿي، مُون کان نه پُڇُ.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔