امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/02/2013

سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿان، ايمان سلامت آهي اڃان

غزل : راشد مورائي

تون تير نظر جا هڻندو رهه، نيشان سلامت آهي اڃان،
دل پوري آهي، جگر جو پر ارمان سلامت آهي اڃان.

فتوا نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه چئو،
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿان، ايمان سلامت آهي اڃان.

ساگر ۽ صراحي چٽ ٿي ويا، مَٽ مَئي جا کُليا پيا آهن،
ٻُڪ سان ئي پيئڻ وارا پيئندا، سامان سلامت آهي اڃان.

اي سنڌڙي جندڙي سُست نه ٿي، ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت آهي اڃان.

جي ڪوماڻو ڪو گلدستو، خوشبو ٿي ختم پرواهه نه آ،
گُل تازا آڻي رکبا ڪي، گُلدان سلامت آهي اڃان.

راشد ته مري ويو سال ٿيا، هڏڙا به ڳري ئي ويا هوندا،
پر شاعر هو سو شعرن جو، ديوان سلامت آهي اڃان.     




0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔