امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/02/2013

اسان انقلابي اسان انقلابي

ابراهيم منشي

اسان انقلابي اسان انقلابي،
ٿي مجبور حملا ڪنداسون جوابي .

سَٺاسون سوين سِر تي قانون ڪارا،
اچي تنگ، ڪرڻ جنگ، سِکي ويا هي سارا،
ٿيا جڏهن ظالم جا مظلوم مارا،
رهي ڪِٿ نه سگھيا پوءِ رهزن ربابي.

ٻُڌي ڇڏ ڪروڙن ٻاٻاڻن جي ٻولي،
ڀلي چاڙھ سوُري ڀلي مار گولي،
نه رهندي هتي سامراجين جي ٽولي،
آهي ختم ڪرڻي هي ساري خرابي .

نه سَهندا هي سانگي سِتم سامراجي،
پُراڻا فريب ۽ هي رسمون رواجي،
گھُرون ٿا گھُرون ٿا صحيح حق سماجي،
نه گھُرجن مهاجر ــــ پٺاڻ ۽ بنجابي.

وڏيرو هي ظالم وڏيرو نه گھُرجي،
ڪامورو هي ظالم ڪامورو نه گھُرجي،
غلط انتظام هي سمورو نه گھُرجي،
نه هلندي ڪنهن زردار جي هت نوابي.

ڪنداسون نه برداشت بد انتظامي،
اُٿي آڳ ڀَڙڪي آ اڄ انتقامي،
حڪومت ڪبي هت حقيقي عوامي،
ڇڏينداسون ٽوڙي غلط حد حسابي.

سڄو ملڪ پاپين کان پاڪ ٿيندو،
نه مومل جي طلسم وارو ڪاڪ رهندو،
هتي هر بشر هاڻ بي باڪ هوندو،
آهي ڪرڻي ظلمت منجھان ماهتابي.

سياهي جي راتين جو چيري ته سِينو،
آهي ٻارڻي لاٽ ڏيئي رت پَسينو،
آهي تار مان تارڻو هي سفينو،
نه ڪر فڪر ”منشي“ ٿيندي فتحيابي.

2 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔