امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/10/2015

اسين پرديس جا پنڇي، رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾

نظم

علي آڪاش

اسين پرديس جا پنڇي
رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾
جتي ديرا به اوڌارا
ته آکيرا به اوڌارا
سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا
کڻي بي خواب اکڙين ۾
وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏانهن
جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ
جتي پنهنجو پرائو آ
اسان جي چهنب ٿي چاهي
ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ
سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا
سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا
پتڻ تي جئن سُري سانجهي
ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا
کڻي ڪنڪر ڪنارن جا
لتاڙيل واءَ تان وهندي
پڄون ٿا روز آکيري
جتي اونداههَ آڳانجهي
کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا
ته پنهنجي ديس جا اُڌما
اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي
اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان
ڦٽن ٿا گرم چشمن جان:
ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي
کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون
سموري باغ سان اوري
اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان
ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا
تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾
ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ
رسڻ پرچڻ
کِلڻ کيڏڻ
ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽
لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان
اِهي رولاڪيون
بي باڪيون
آڻيون ڪٿان؟
ماڻيون ڪٿان؟
هِتي هِن ديس تنهنجي ۾
جتي هر ساههُ قرضي آ
سندي ڪائي نه مرضي آ
جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا
پوتر پل وسامن ٿا
ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو
ولوڙي ٿو
لڳي ٿو ايئَن وينداسين
ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي
اسين پرديس جا پنڇي.



1 تبصرا:

Mashooque Ali لکيو آهي

آئون اوهان جو ٿورائتو آهيان سليمان وساڻ صاحب. مهرباني

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔