امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/10/2015

سانوري اي ڇوڪري! واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ

پُنر جنم

علي آڪاش

سانوري اي ڇوڪري!
واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ
تو ڪلا سان اڄ سڄي محفل لُٽي
مون ڏِٺو توکي سڃاتو
تون دراوڙ ديس جِي دلبر نشاني
ڪي هزارين سال ٿيندا، جو اِها
پاند ۾ اتهاس جي
سوگهي ٻَڌي ويئي هئي
نسل ۾ تون آرين کان اڳ جِي 
تون ته ويدن ۽ پُراڻن کان پُراڻي
اڄ به راڻي آهه تنهنجو
ڳوٺ موهن جو دڙو
سي وڏا تنهنجا هئا
ڏاند گاڏيءَ جا ڌڻي
ٿِي وسُنهه جا واهرُو ويهي رهيا
ڀونءِ هيءَ جن سان بڻي
ويس پهريون جن اُڻيو هو ائٽ تي
جن مڇين جي ريس تي ٻيڙي هئي
ڪاٺ مان ڪوري ڪڍي
سِڙهه ڪيو جڏهين سِڌو
ان مٿان پنڇي اڇو ويٺو اچي
ڪڻڪ جو جن فصل پهريون
پوکيو ۽ ڳاهيو
اَن جون جهوليون ڀري
جن عقيدت مان ڏنيون درياهه کي
پيار جو پورهيو ڪري
جن رکيو هو جيئرو
تهذيب جي ويساهه کي
چنڊ واريءَ رات ۾
جي گَهران نڪري وڏي ولهار ۾
دائري ۾ ويهندا ها
۽ سڄي سنسار جي تخليق وارو
”ٿِي پوڻ“ جو ڳُجُھ کوليندا ۽ ويڙهيندا هئا
زندگيءَ جي راز کي
پاڻي، مٽي، اگني، هوا_
عنصرن جي اک سان ڏسندا هئا 
رات جي پوئين پهر
سوچي جڏهن ٿڪبا هئا
هٿَ تَرين ۽ سِر مٿي
ڏيئڙا ٻاريل رکي
سرخ سنهڙي ۽ ڍِلي ملبوس ۾
اي نرتڪي ايندي هئينءَ
ڇير جي ڇم ڇم کڻي
جسم جو سرگم کڻي
ويڙهجي ويندي هئي
رقص جي رومال ۾ ڪل ڪائنات
ڏيئڙي جي لاٽ جهڙا
جيءَ سارا بي ثبات
مڌ گهاٽيءَ جا وٽا پيئندا هئا
هوش هاري مست ٿِي جيئندا هئا
ناچ تنهنجو اوج کي رسندو هيو
گُهنگهرو ٽٽندا هئا
ڏيئڙا جھٽڪا ڏئي اُجھندا هئا
ان گھڙيءَ سڀني دلين مان
لار دونهين جي اُٿِي
هير جي آغوش ۾ سُمهندي هئي
تنهن گهڙي نينگر افق جِي
سجَ جو جھومر سجائي نرڙ تي
لولاڪ جي کيڪار لئه
منتظر هوندي هئي
جيئن منهنجو منُ تولئه منتظر
آنءُ ڄاڻان
جُوڻ ٻي هيءَ آهه تنهنجي
تون اُهائي نرتڪي
جي نه توکي اعتبار
تو اڳيان هيءُ ريشمي 
رومال ٿو کولي رکان
ڏَس ته هي گهنگهرو ٽُٽل ڪنهن ڏور جا
هُو ته ڏِس هُن تاڪ تي
ڪو اجھاڻيل ڏيئڙو
پاڻ ۾ وِجُھ ليئڙو
ڪجھ ته توکي ياد ايندو
ڀاڳ چئبو
پاڻ جنمن کان جُڳن کان پو هِتي
هِن شهر ۾ آهيون مليا
ان کان اڳي جو اڳ جيان وڇڙي وڃون
سهسين صديون ٻيهار اوجهڙ ۾ ٻُڏون
اچ دراوڙ ديس جي ناتي وري
پرچي پئون
آءُ اڳتي پيچرا اتهاس جا
گڏجي گُهمون
هڪ ٿي وڃون.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔